ديوان مفتون

ديوان مفتون

ديوان مفتون

ديوان مفتون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مولانا عبدالغفور همايونيءَ ’مفتون‘ جي شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جيڪو نامور شاعر نياز همايونيءَ جو ترتيب ڏنل آهي. ديوان مفتون ۾ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي ولادت، سوانح، خاندان جي احوال، مولانا جي شاگردن، همعصرن، پونيرن ۽ ڪتابن جي احوال سان گڏ سندس شاعري شامل آهي. هي ديوان غزلن جو نه آهي، پر هن ۾ مولانا مفتون همايونيءَ جون 116 ڪافيون شامل آهن، جيڪي نج سنڌي ٻوليءَ جو اعليٰ نمونو آهن. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جا 98 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 4 روپيا آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1973ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 100 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد ۾ 50 روپيا قيمت سان سنڌي ادبي بورڊ، 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


لفظ ديوان مفتونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو